تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

فيبروري ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي ڳالهه آئين جي ڀڃڪڙي آهي: نثار احمد کهڙي

پيپلزپارٽيءَ تڪبنديون ڊسمبر تائين مڪمل ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي نظرثاني ڪري آئين تحت 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، نثار احمد کهڙي جو چوڻ آهي ته فيبروري ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي ڳالهه آئين جي ڀڃڪڙي آهي، اليڪشن ڪميشن آئين تحت 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي.

ڪراچي ۾ سعيد غني ۽ وقار مهدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي تڪبندين جي فيصلي بعد فيبروري ۾ چونڊون ڪرائڻ وارين ڳالهه کي هو خلاف آهن، اليڪشن ڪميشن آئين مٿانهين ناهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين تحت 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي، وقت تي چونڊون نه ٿيون ته جمهوري طريقي سان جدوجهد ڪئي ويندي.

نثار کهڙي چيو ته چونڊن ۾ دير ٿي ته شفاف ۽ پرامن اقتدار جي منتقلي تي سوال اٿندا، اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو آهي ته تڪبندين جي مدي واري فيصلي تي نظرثاني ڪري وقت تي چونڊون ڪرايون وڃن.

پ پ سنڌ جي صدر چيوته اسيمبليون رڳو نگران حڪومت آڻڻ لاءِ نه پر شفاف چونڊن لاءِ  ٽوڙيو ويو، آدمشماري جي سي سي آءِ مان منظوري خلاف سپريم ڪورت ۾ داخل درخواست داخل آهي، هاڻي ڏسجي ته عدالت ڪهڙو فيصلو ڏي ٿي.

نثار کهڙي چيو ته تڪبنديون تبديل ڪرڻ جي ضرورت ناهي آبادي جي بنياد تي ووٽرن جو انگ وڌايو وڃي، تڪبنديون سان سيٽون نه ٿيو وڌن ته چونڊن ۾ دير جو ڪو به جواز ناهي.

پ پ سينيٽر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي سياسي نظام ۽ ادارن کي برباد ڪرڻ لاءِ آندو ويو هو، اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جو ڪو به جواز نه هو، ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون ئي ملڪ کي اڳتي وڌائي سگهن ٿا.

ان موقعي تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اڳواڻ بشارت مرزا، ارتضيٰ بيگ، غلام صابر، عبدالحڪيم، محمد سليم، طارق حسن، وقار شيخ ۽ ٻين پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
4 ° C
4 °
4 °
28 %
1.4kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون