تازه ترين

فيض گنج: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ قتل

فيض گنج ويجهو شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري دڪان تي ويٺل نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.

ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد لوٺي اسٽاپ تي هٿياربندن دڪان تي ويٺل ڳوٺ ڍولڻ خان شر واسي بلاول پٽ سبحان شر کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.

زخمي نوجوان کي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال آندو ويو جتان کيس طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ڊاڪٽرن موجب، نوجوان کي مٿي ۾ گوليون لڳل آهن جيڪي آرپار ٿيل آهن.

ڪوٽ لالو پوليس جو چوڻ آهي ته اسپتال مان ضروري ڪارروائي  بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون