فيض گنج واسي هڪ ڪٽنب جي ٽن پورهيتن کي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.
کنڀي گم ڪيل پورهيتن ۾ قرب علي شر، سعدالله شر ۽ راشد شر شامل آهن .
کنڀي گم ڪيل پورهيتن جي وارثن ۽ جسقم ڪارڪنن پڪاچانگ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي .
ان موقعي تي اڳواڻ شاذ خادم، سجاد شر، رحمت الله ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٽئي نوجوان پيٽ گزر لاءِ مل ۾ مزدوري ڪندا هئا، بنا جواز کين کنڀي گم ڪيو ويو آهي . احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پورهيتن کي آزاد ڪيو وڃي .