تازه ترين

فيض گنج ۾ بدامني ۽ دڪاندار کان ڦر واقعي خلاف دڪاندارن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو

- Advertisement -
فيض گنج ۾ بدامني ۽ دڪاندار کان ڦر واقعي خلاف دڪاندارن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. دڪاندار معشوق راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مهراڻ هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، چوري، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. هنن چيو ته پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، هٿياربند دڪاندار معشوق راڄپر کان موٽرسائيڪل، روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. سندن چوڻ هو ته هڪ هفتي اندر سيٺ نريش ۽ سيٺ جيڪن سميت 3 ڦر جون وارداتون ٿيون آهن، پر ڪوبه جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهي ٿي سگهيو. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي، ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
29 %
4.9kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون