تازه ترين

پشاور ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران شهيد ٿي ويل ڪيپٽن ۽ حولدار جا مڙهه فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي

- Advertisement -
پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ دهشتگردن سان ويڙهه دوران شهيد ٿيل ڪيپٽن ۽ حوالدار جا مڙهه فوجي اعزاز سان مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آچر ڏينهن انٽيليجنس بنياد تي خيبرپختونخوا جي ضلعي پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن دوران پنجن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو هو. آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران 3 دهشتگرد زخمي به ٿي پيا هئا جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن حسين جهانگير ۽ حوالدار شفيق الله شهيد ٿي ويا هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻنهي شهيدن جي اباڻي علائقن ۾ جنازي نماز ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سينيئر حاضر سروس فوجي آفيسرن، وارثن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، جنازي نماز بعد ٻنهي شهيدن جا مڙهه فوجي اعزاز سان مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت هر قيمت تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33 ° C
33 °
33 °
21 %
3.6kmh
0 %
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون