- Advertisement -
فيض گنج ۾ بدامني ۽ دڪاندار کان ڦر واقعي خلاف دڪاندارن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
دڪاندار معشوق راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مهراڻ هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، چوري، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.
هنن چيو ته پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، هٿياربند دڪاندار معشوق راڄپر کان موٽرسائيڪل، روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
سندن چوڻ هو ته هڪ هفتي اندر سيٺ نريش ۽ سيٺ جيڪن سميت 3 ڦر جون وارداتون ٿيون آهن، پر ڪوبه جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهي ٿي سگهيو.
احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي، ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو……..- Advertisement -
