تازه ترين

فيض گنج ۾ هيومن رائٽس پروٽيڪشن فورم پاران فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان مهر جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو

محبوب چانگ، امداد، منور ميمڻ، ڪامريڊ بشير شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي سبب هٿياربندن وچ ۾ شهر ۾ صحافي جان محمد مهر کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو.

مظاهرين چيو ته پوليس معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ واقعي کي برادري تڪرار ڄاڻائي رهي آهي.

هنن چيو ته راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو کي جنسي زيادتي بعد تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، پر حڪمران خاموش تماشائي بڻيل رهيا.

اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر قتل ۽ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي صحافي جان محمد مهر ۽ نينگري فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي سزا ڏئي عبرت جو نشان بڻايو وڃي ته جيئن ٻيهر ڪو اهڙي حرڪت نه ڪري سگهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
32 %
1kmh
7 %
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
25 °
خميس
25 °
جمعو
25 °

تازه ترين خبرون