نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته انتهاپسندي ۽ عدم برداشت سان هر قيمت ۾ ويڙهندا، ڪڏهن هٿيار ڦٽا نه ڪندا، ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهو ته هو ٿڪجي چڪا آهن هي سندن گهر آهي هو هن کي پنهنجي انداز سان هلائيندا.
ڪراچيءَ ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هي جنگيون وزيراعظم يا آرمي چيف ناهن وڙهندا پر قومون وڙهنديون آهن، شهادتون ماڻيندڙ پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جا جوان سندن ٻچا آهن، جوانن جي خدمتن جو اصل صلو پگهار ناهي پر عزت آهي.
سندس چوڻ هو ته گذريل ڏينهن هڪ المناڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ سندن 10 جوان شهيد ٿيا، هو آپگهاتي بمبارن کان نٿا ڊڄن انهن گمراهن خلاف وڙهندا رهندا.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته دهشتگرد غلط سمجهي رهيا آهن سندن واسطو ڪنهن سان پيو آهي، هي گمراهه هئا ۽ گمراهه آهن، معصوم جانيون وٺڻ کي ڪنهن به صورت ۾ جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هو شهيدن کي نه وساريندا، هو شهادت ڏيڻ کان پاسو نه ڪندا، هو ڪنهن خيرات سان نه وڙهي رهيا آهن سندن مجاهدن جون جيڪي گوليون هلي رهيو آهن اهي اوهان جا پيسا آهن.
