قاضي احمد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڏيڙان روڊ تي هٿياربندن دڪاندار مٿان فائرنگ ڪري ڏني.
گوليون لڳڻ سبب دڪاندار سردار آرائين سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي دڪاندار سردار آرائين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.