منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار گرفتاريءَ کانپوءِ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

- Advertisement -
اڳوڻي ڊائريڪٽر منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار گرفتاريءَ کانپوءِ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. صوبائي اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل جج جي عدالت اڳوڻي ڊائريڪٽر منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار جي ضمانت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي. عدالت پاران اينٽي ڪرپشن جي پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي 4 آگسٽ تي جواب طلب ڪيو ويو آهي. 31 جولاءِ سومر ڏينهن ضمانت رد ٿيڻ تي اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر اڳوڻي ڊائريڪٽر منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار خير محمد ڏاهري کي گرفتار ڪيو هو. اڳوڻي ڊائريڪٽر منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻين جوابدارن تي نسلا ٽاور جي زمين 7سئو گز مان وڌائڻ ۽ سرڪاري زمين جو غيرقانون نقشو پاس ڪرڻ جو الزام آهي. سپريم ڪورٽ نسلا ٽائور جي غير قانوني اڏاوت خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.9 ° C
13.9 °
13.9 °
42%
2m/s
0%
آچر
23 °
سُومر
23 °
اڱارو
25 °
اربع
24 °
خميس
25 °

تازه ترين خبرون