- Advertisement -
قطري وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني غزه جنگ بندي معاهدي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
دوحه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قطري وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني چيو ته جنگ بندي معاهدو ڪرائڻ لاءِ قطر، مصر ۽ امريڪا جون ڪوششون ڪامياب ٿي ويون آهن.
سندس چوڻ هو ته جنگ بندي معاهدو 19 جنوري کان لاڳو ٿيندو، حماس ۽ اسرائيل سان جنگ بندي معاهدي تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪم جاري آهي.
هن چيو ته اهو معاهدو اسرائيلي يرغمالين جي آزاديءَ ۽ غزه ڏانهن انساني امداد ۾ واڌ جو سبب بڻجندو.
قطري وزيراعظم چيو ته غزه ۾ پنهنجن ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيند، ميد آهي ته معاهدو آچر کان لاڳو ٿي ويندو، وقت جو اعلان بعد ۾ ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته معاهدي جي پهرين مرحلي ۾ اسرائيلي يرغمالين ۽ فلسيطني قيدين جي آزادي ٿيندي، معاهدي کانپوءِ پهرين مرحلي ۾ بي گهر فلسطينين جي گهرن ڏانهن واپسي ٿيندي.
قطري وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ غزه جي پٽي مان زخمين کي علاج لاءِ ڪڍڻو آهي، هو سڀني ڌرين تي پنهنجا واعدا پاڙڻ جو زور ڏين ٿا.
ٻئي پاسي غزه ۾جنگ بندي معاهدي جا امڪاني تفصيل به سامهون اچي ويا آهن.
حماس ۽ اسرائيل ۾ طئه ٿيل معاهدي جي پهرين مرحلي تحت اسرائيلي فوج غزا جي پٽيءَ کان 700 ميٽر پوئتي هٽي ويندي، اسرائيل عمر قيد ٻڌايل اڍائي سئو قيدين سميت 2 هزار فلسطينين قيدي آزاد ڪندو، جنهن جي بدليءَ ۾ فلسطيني گروپ 33 اسرائيلي مغوين کي بازياب ڪندا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه جنگ بندي معاهدو ٽن مرحلن تي ٻڌل هو جنهن جو پهريون مرحلو ڇهه هفتا هوندو.
پهرين مرحلي دوران اسرائيلي فوج پاڻ کي غزه جي سرحد اندر 700 ميٽر تائين محدود ڪري ڇڏيندي.
جنگ بندي جي ان مرحلي ۾ اسرائيل تقريبن 2 هزار فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو جن ۾ عمرقيد جا 250 قيدي به شامل هوندا.
انهي مرحلي ۾ غزه ۾ موجود 33 اسرائيلي مغوين کي به آزاد ڪيو ويندو.
پهرين مرحلي ۾ اسرائيل زخمين کي علاج جي لاءِ غزه کان ٻاهر سفر جي اجازت ڏيندو، ان کان علاوه معاهدي جي ستن ڏينهن اندر اسرائيلي مصر سان گڏ رفح ڪراسنگ پڻ کوليندو.- Advertisement -
