- Advertisement -
امريڪي صدر جوبائيڊن غزه جنگ بندي معاهدي کي امريڪا جي بهترين سفارتڪاري جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو.
جوبائيدن پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته امريڪا جي امريڪي سفارتڪاري جي ڪوششن سان اسرائيل حماس جنگ بندي معاهدو ٿي ويو آهي.
صدر جو بائيڊن موجب، کيس خوشي آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو.
هن چيو ته لبنان ۾ جنگ بندي ۽ ايران کي ڪمزور ڪرڻ کانپوءِ حماس تي سخت دٻاءُ هو، تبديل ٿيل علائقي صورتحال کي نظر ۾ رکندي حماس کي جنگ بندي لاءِ مجبور ڪيو.
هن چيو ته مئي ۾ پيش ڪيل جنگ بندي منصوبي کي صحيح شڪل ۾ اڳتي وڌايو هو، مصر، امريڪا ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ جنگ بندي معاهدو ٿيو.
امريڪي صدر جو چوڻ هو ته جنگ بندي معاهدو سندس حڪومت ۽ انتظاميا ڪرايو، عملدرآمد نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا ڪرائيندي.
هن وڌيڪ چيو ته اهو معاهدو غزه ۾ ويڙهه ختم ڪندو ۽ فلسطيني شهرين کي ضروري انساني امداد فراهم ڪندو ان سان گڏ 15 مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ يرغمالين کي سندن خاندانن سان ٻيهر ملائيندو.- Advertisement -
