قطر جي پرڏيهي وزارت دوحا ۾ حماس جي سياسي آفيس بند ڪرڻ بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو ته دوحا ۾ فلسطيني عسڪري تنظيم حماس جي سياسي آفيس مستقل طور بند ناهي ڪئي وئي.
ماجد الانصاري جو چوڻ هو ته حماس جي آفيس غزه جنگ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي جي ڪوششن جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي ظاهر آهي جڏهن ته ٽياڪڙي جو عمل نه هجي ته آفيس جو ڪو خاص ڪردار نٿو رهي.
قطري ترجمان چيو ته دوحا ۾ حماس جي آفيس جي مستقل بندش بابت ڪو به فيصلو ٿيو ته ميڊيا کي سڌيءَ ريت ٻڌايو ويندو، ميڊيا کي قياس آرائي جو حصو نه بڻجڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته حماس جا اڳواڻ جيڪي ڳالهين واري ٽيم جو حصو هئا اهي هاڻي دوحا ۾ نه آهن ۽ هو مختلف راڄڌانين وچ ۾ سفر ڪندا رهندا آهن.
قطر جي پرڏيهي وزارت دوحا ۾ حماس جي سياسي آفيس بند ڪرڻ بابت بيان جاري ڪري ڇڏيو
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7
°
C
8.7
°
8.7
°
26%
1.7m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
18
°


