قمر جاويد باجوه ۽ فيض حميد طرفان بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي ترديد

- Advertisement -
اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد، واضح لفظن ۾ مولانا فضل الرحمان جي بي اعتمادي رٿ آڻڻ بابت بيان جي ترديد ڪئي آهي. اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي ويجهن ذريعن مولانا فضل الرحمان جي بيان جي ترديد ڪندي چيو ته جي يو آءِ سربراهه کي گهرجي ته هو پهريان پنهنجي حقيقتن کي درست ڪري وٺي ڇو ته فيض حميد بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ کان ڪيترائي مهينا اڳ آءِ ايس آءِ ڇڏي چڪو هو. هنن چيو ته مولانا فضل الرحمان اهو وساري ويٺو آهي ته جڏهن بي اعتمادي رٿ آندي وئي هئي ان وقت فيض حميد ڪور ڪمانڊر پشاور هو، جنرل فيض نومبر 2021ع ۾ اسلام آباد کان وڃي چڪو هو. جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه جي مولانا فضل الرحمان سان 2 ڀيرا ملاقات ٿي هئي. ذريعن چيو ته هڪ ملاقات ان وقت ٿي هئي جڏهن مولانا ان وقت جي آرمي چيف جي گهر ملڻ ويو، جڏهن فضل الرحمان،  لانگ مارچ ڪري رهيو هو، چيو پيو وڃي ته هي ملاقات اڻوڻندڙ رهي هئي. ذريعن موجب، جنرل باجوه جي ٻئي ملاقات مولانا فضل الرحمان سان 26 مارچ 2022ع تي ٻين ڪيترن ئي مخالف ڌر جي اڳواڻن جي موجودگي ۾ ٿي هئي، ملاقات ۾ هڪ اهم جنرل به شامل هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي فوجي جرنيلن اپوزيشن پارٽين سان ان وقت جي وزيراعظم جي هدايت تي ملاقات ڪئي هئي ڇو ته هو چاهي پيو ته سندس خلاف بي اعتمادي جي رٿ واپس ورتي وڃي. جنرل باجوه جي ويجهن ذريعن موجب، ٻنهي جرنيلن مخالف ڌر جي اڳواڻن تي زور ڀريو ته کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن مخالف ڌر جي اڳواڻن ڪا لچڪ نه ڏيکاري ته کين چيو ويو ته بي اعتمادي واري رٿ واپس ورتي وڃي ۽ ان جي بدلي چونڊن جو اعلان ڪندو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي جرنيلن کي ان وقت جي وزيراعظم طلب ڪري پنهنجي حڪومت کي بي اعتمادي جي رٿ کان بچائڻ جي آپشنز تي ڳالهيون ڪيون ۽ ڪجهه اهم وزيرن جي موجودگي ۾ مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو هو، ان ملاقات ۾ جرنيلن کي چيو ويو ته اپوزيشن وارن سان رابطو ڪن ته جيئن حڪومت کي بي اعتمادي واري رٿ کان بچائي سگهجي. ذريعن جنرل باجوه جي حوالي چيو ته اڳوڻو آرمي چيف قسم کڻي مولانا جي بيان جي ترديد ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ اميد آهي ته مولانا به ان حوالي سان قسم نامو به ڏيندو ته جيئن سچ سامهون اچي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون