- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس رٽائرڊ مظاهر نقوي چيو آهي ته آئين ۽ قانون موجب رٽائرڊ ججن خلاف ڪارروائي سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اختيار ناهي.
جسٽس رٽائرڊ مظاهر نقوي سيڪريٽري جڊيشل ڪائونسل کي خط لکي ڇڏيو.
جڊيشل ڪائونسل جي سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ جسٽس رٽائرڊ مظاهر نقوي چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي سندس استعيفيٰ ڏيڻ باوجود جاري آهي.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۽ قانون موجب رٽائرڊ ججن خلاف ڪارروائي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي دائري اختيار ۾ ناهي.
خط جي متن موجب، هن معاملي تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل پنهنجا اختيار اورانگهي رهي آهي، هو 10 جنوري تي استعيفيٰ ڏني چڪو آهي جيڪا صدر قبول ڪري ورتي آهي.
جسٽس رٽائرڊ مظاهر نقوي خط ۾ چيو ته سندس استعيفيٰ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن آفيشل گزٽ ۾ شايع ٿي چڪو آهي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو 12 جنوري جو حڪم غير آئيني آهي.
خط ۾ جسٽس رٽائرڊ مظاهر نقوي چيو ته هو آئيني ۽ قانوني طور ڪائونسل جي هن ڪارروائي جو حصو بڻجڻ جو پابند ناهي.- Advertisement -
