تازه ترين

قومي اسيمبليءَ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان سي  ڊي اي چيئرمين جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار

قومي اسيمبليءَ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان سي  ڊي اي چيئرمين جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين مهرين ڀٽو اجلاس دوران سوال ڪيو ته اسلام آباد جي بلڊنگز ۾ معذور ماڻهن جي وهيل چيئرز جي ريمپس جي اڏاوت ڪنهن حد تائين مڪمل ٿي وئي آهي؟

ڊپٽي ڊائريڪٽر سي ڊي اي چيو ته 60 سيڪڙو عمارتن ۾ عملدرآمد ٿي ويو آهي.

مهرين ڀٽو چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ جيڪا ريمپ آهي تنهن ۾ وهيل چيئر چاڙهڻ لاءِ پنجن ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي.

هن چيو ته پارليامينٽ ۾ به وهيل چيئرز لاءِ ريمپ ناهي، افسوس آهي ته سي ڊي اي ڪميٽي جي سفارشن تي عمل نه ڪندي آهي.

اجلاس دوران سي ڊي اي چيئرمين جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

مهرين ڀٽو چيو ته سي ڊي اي چيئرمين کي اجلاس ۾ هجڻ گهرجي ها، پوليس بابت ٽي آئٽم هئڻ باوجود آءِ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي آهي.

ڪميٽي ميمبر قادر مندو خيل چيو ته سڀني کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته اجلاس جو آخري ڏينهن آهي.

هن چيو ته عملدارن کي آگاهه ڪيو وڃي ته ڪميٽي آخري ڏينهن به گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي.

قادر مندوخيل چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي کنڀيو وڃي ٿو ته سندس خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته جنهن ماڻهو کي کنڀيو وڃي تنهن جي وارث کي ضرور آگاهه ڪيو وڃي.

ڊي جي هيومن رائٽس چيو ته جبري گمشدگي کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي تجويز آهي، بچاءَ واري وزارت سميت سمورين ڌرين تجويز تي اتفاق ڪيو آهي.

ڊي جي هيومن رائٽس چيو ته قانون کي ڊرافٽ بڻائي پارليامينٽ ۾ موڪليو ويو هو جيڪو رولڙي جو شڪار آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
11 %
2.1kmh
8 %
سُومر
19 °
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
21 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون