سنڌ جو قومي راڳي ٻيجل سنڌي لاڏاڻو ڪري ويو.
قومي راڳي ٻيجل سنڌي ڳلي جي ڪينسر سبب ٽنڊي محمد خان جي اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو.
قومي راڳي ٻيجل سنڌي جو مڙهه سندس گهر منتقل ڪيو ويو.
قومي راڳي جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
قومي راڳي ٻيجل سنڌي جي لاڏاڻي تي هر ٽنڊي محمد خان ۾ سوڳ ڇائنيل آهي.
نامياري راڳي ٻيجل سنڌيءَ جو اصل نالو صوفي خالد محمود ولد صوفي عثمان علي خاصخيلي هو.
ٻيجل سنڌيءَ جو جنم 2 فيبروري 1963ع تي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو.
ٻيجل سنڌي پرائمري جي تعليم ٽنڊي محمد خان جي ڀٽي محلي اسڪول مان، مئٽرڪ بوائز هاءِ اسڪول ۽ انٽر مير غلام علي ٽالپر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي.
سندس والد روينيو کاتي ۾ ملازم هو، ان باوجود ٻيجل سنڌي ننڍپڻ کان چڻا کپائي، ٻارن جون شيون وڪرو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ننڍڙن ڀائرن جي پڙهائيءَ جو خرچ پورو ڪندو هو.
کيس ننڍي هوندي کان علمي، ادبي سرگرمين سميت راڳ جي شعبي سان دلچسپي هئي، جنهن منجهس سياسي شعور کي پڻ اُڀاريو ۽ سنڌ ۾ قومپرستيءَ واري سياست سان سلهاڙجي ويو.
ٻيجل سنڌي راڳ جي سکيا پڻ ورتي. شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني، امداد حسيني، بلبل کورواهي، حليم باغي ۽ تاج جويي جي ڪيترن ڪلامن جون پاڻ ڌُنون ٺاهي ڳائيندو رهيو.
ٻيجل سنڌي 17 آڪٽوبر 1984ع ۾ پيش آيل ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جو نه رڳو اسير رهيو، پر مٿس سياسي سرگرمين جي ڪري مٿس بغاوت جي مقدمن سميت ڪيترائي ڪيس پڻ داخل ٿيا،جنهن سبب وڏو عرصو روپوشيءَ ۾ گذاريائين.
ٻيجيل سنڌ جي روپوشيءَ دوران سندس والد جو لاڏاڻو ٿي ويو ۽ والد جو آخري ديدار نه ڪري سگهيو.
ٻيجل سنڌي سياسي جدوجهد ۾ جيئي سنڌ لطيف سنگت، جساف، جيئي سنڌ تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ پورهيت سنگت ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ سان سلهاڙيل رهيو.
موسيقيءَ جي حوالي سان ٻيجل سنڌي جون 12 کان وڌيڪ وڊيو ڪيسيٽون، هڪ آڊيو ۽ هڪ وڊيو سي ڊي رليز ٿي چڪيون آهن.
ٻيجل سنڌي ٽنڊي محمد خان ۾ماروي آرٽ ميوزيڪل اڪيڊمي پڻ قائم ڪئي هئي.
سنڌ جو قومي فنڪار ٻيجل سنڌي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ٿيو، جتي سندس گلي جي بائيوسي جي رپورٽ اچڻ تي گلي جي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ٿي جنهن سان هو گائيڪي جي فن کان محروم ٿي ويو .
بروقت علاج نه ٿيڻ سبب سنڌ جو هي سهڻو ڪلاڪار ٽنڊي محمد خان جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.