تازه ترين

قومي شاعر گدا حسين خاصخيلي ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو

قومي شاعر گدا حسين خاصخيلي ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو.

گدا حسين خاصخيلي سول اسپتال نوشروفيروز ۾ علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو ويو.

قومي شاعر جي نوان جتوئي ويجهو ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي ۾ تدفين ڪئي ويندي.

گدا خاصخيلي ڪيتري ئي عرصي کان بيمار هو، ڪراچي مان علاج ڪرائي آيو هو.

قومي شاعر ڪجھه ڏينهن کان نوشهروفيروز جي اسپتال ۾ داخل هو.

ڊاڪٽرن کيس ٻيهر ڪراچي علاج لاءِ تجويز ڪيو هو.

غربت سبب ڪراچي وڃڻ لاءِ وارث چندو ڪري رهيا هئا.

گدا حسين خاصخيلي جي ڀارت ۽ پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن تي نظم عالمي سطع تي مقبوليت ماڻي هئي.

چاغي ۽ ڪفران تي حملو  الله ۽ ڀڳوان تي حملو  نظم جا ٻول هئا، گدا خاصخيلي، دادن فقير جو شاگرد هو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
12 %
1.5kmh
0 %
سُومر
19 °
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
21 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون