تازه ترين

قومي شاعر گدا حسين خاصخيلي ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو

- Advertisement -
قومي شاعر گدا حسين خاصخيلي ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو. گدا حسين خاصخيلي سول اسپتال نوشروفيروز ۾ علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو ويو. قومي شاعر جي نوان جتوئي ويجهو ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي ۾ تدفين ڪئي ويندي. گدا خاصخيلي ڪيتري ئي عرصي کان بيمار هو، ڪراچي مان علاج ڪرائي آيو هو. قومي شاعر ڪجھه ڏينهن کان نوشهروفيروز جي اسپتال ۾ داخل هو. ڊاڪٽرن کيس ٻيهر ڪراچي علاج لاءِ تجويز ڪيو هو. غربت سبب ڪراچي وڃڻ لاءِ وارث چندو ڪري رهيا هئا. گدا حسين خاصخيلي جي ڀارت ۽ پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن تي نظم عالمي سطع تي مقبوليت ماڻي هئي. چاغي ۽ ڪفران تي حملو  الله ۽ ڀڳوان تي حملو  نظم جا ٻول هئا، گدا خاصخيلي، دادن فقير جو شاگرد هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
66 %
3.7kmh
100 %
اربع
20 °
خميس
25 °
جمعو
24 °
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °

تازه ترين خبرون