- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قوم جي روح تي 18 آڪٽوبر 2007ع جو ڏهاڙو هميشه لاءِ نقش ٿي چڪو آهي.
ڪارساز سانحي جي ارڙهين ورسي تي بلاول ڀٽو زرداري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هي اهو ڏينهن هو جڏهن 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو ڏيهه واپسي تي مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو.
سندس چوڻ هو ته هي اهو ڏينهن هو جڏهن ته 180 بهادر جيالن جمهوري پاڪستان جي خواب خاطر پنهنجي جانين جو نظرانو پيش ڪيو.
پ پ چيئرمين چيو ته آمريت ۽ دهشتگردي ملي ڀڳت ڪري شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي قافلي تي حملو ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير ڀٽو جي قافلي تي حملو ڪندڙ جمهوريت جي روشني وسائڻ چاهن پيا پر سندن شهيدن جي رت ان کي وڌيڪ ٻاري ڇڏيو.
هن چيو ته هو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي مشن کي اڳتي وڌائيندا.
پ پ چيئرمين چيو ته هو شهيدن جي مشن کي مڪمل ڪندا ته جيئن هڪ اهڙو پاڪستان تعمير ٿئي جتي جمهوريت، برابري ۽ انصاف جي حڪمراني هجي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيدن جو رت اڄ به هڪ پرامن، جمهوري ۽ خوشحال پاڪستان طرف سندس سفر کي روشن ڪري رهيو آهي.- Advertisement -
