تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

لائبريريون آباد ٿينديون ته نوجوان نسل اڳتي وڌندو :سيد ذوالفقار علي شاهه

- Advertisement -
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هوته لائبريريون آباد ٿينديون ته نوجوان نسل اڳتي وڌندو. ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جي صدارت هيٺ بڪ پبلشرز جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊي جي لائبريري اعجاز احمد شيخ ۽ لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. سنڌ جي لائبريرين ۾ نون ڪتابن ۽ گهربل سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ڪميشن جي امتحانن جي تياري لاءِ  سمورن ڪتابن جي فراهمي سڀني لائبريرين ۾ لازمي ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته لائبريرين ۾ ٻيا ضروري ڪتاب پڻ فراهم  ڪيا وڃن. سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪتاب پڙهندڙن ۽ شاگردن جي ضرورتن موجب مقامي لائبريرين ۾ ڪتاب فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته سڀني لائبريرين کي شمسي توانائي تي منتقل  ڪيو ويندو، لائبريرين کي اپ گريڊ ڪرڻ سان  شاگردن کي سهولت ملندي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته لائبريرين ۾ گرلز سيڪشن الڳ قائم ڪيا ويندا، شاگردن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته لائبريرين ۾ جديد سهولتون فراهم ڪري انتظام وڌيڪ بهتر بڻايا ويندا. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هوته لائبريريون آباد ٿينديون ته نوجوان نسل اڳتي وڌندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون