- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام فوج جي نه پر سندن ضرورت آهي.
برطانوي نشرياتي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ماضي ۾ ڪيل فوجي آپريشن کانپوءِ ملڪ ۾ ٻيهر دهشتگردي وڌڻ جي اميد نه هئي، آپريشن عزم استحڪام فوج جي نه پر سندن ضرورت آهي، اها حڪومت جي به ذميواري آهي ۽ اها ذميواري کڻڻ گهرجي.
خواجه آصف وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي تازي لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين حوصلي ۽ شدت سان آپريشن جي ضرورت آهي. گذريل هڪ سال ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ کانپوءِ نئين لائين اپ جي ضرورت هئي. هن ڀيري آپريشن سبب لڏپلاڻ نه ٿيندي پر انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيو ويندو.
بچاءَ واري وزير چيو ته گذريل ڏهاڪي ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿيا آهن جيڪي وڌندڙ دهشتگردي جو سبب بڻيا آهن، جن ۾ افغانستان مان نيٽو ۽ آمريڪي فوجن جي واپسي ۽ پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران ٽي ٽي پي جي ويڙهاڪن کي واپس ملڪ آڻڻ شامل آهي.
سندس چوڻ هو ته اميد هئي ته افغان حڪومت هنن سان سهڪار ڪندي، پر اهي طالبان ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نظر نه آيا، ڇاڪاڻ ته اهي سندن اتحادي هئا.
خواجه آصف چيو ته طالبان سان ڳالهين کانپوءِ 4 کان 5 هزار ماڻهن کي واپس آڻڻ جو تجربو ويو ۽ طالبان جا اهي ساٿي جيڪي افغانستان مان ڪارروايون ڪري رهيا هئا انهن کي پاڪستان ۾ پناهه ملي وئي. ھاڻي اھي اچن ٿا، گھرن ۾ رھن ٿا ۽ ڪارروايون ڪن ٿا، پاڪستان افغانستان ۾ طالبان جي ٺڪاڻن خلاف ڪارروايون جاري رکندو.
مقامي ماڻهن جي اعتماد کانسواءِ آپريشن ڪيئن ڪامياب ٿيندي؟ جي سوال تي خواجه آصف جواب ڏنو ته انهن جي ترقي لاءِ مختص رقم ۽ حڪمت عملي ۾ ڪوتاهي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سندس موجب قبائلي عوام جو هڪ وڏو حصو ان آپريشن خلاف ناهي.
خواجا آصف ان تاثر کي رد ڪيو ته قبائلي علائقن مان ووٽ بئنڪ رکندڙ سياسي پارٽين سان صلاح مشورو نه ڪيو ويو، پر ان معاملي تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.- Advertisement -
