تازه ترين

لالو رائنڪ ويجهو هٿياربندن گوليون هڻي اڌڙوٽ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو

لالو رائنڪ ويجهو هٿياربندن گوليون هڻي اڌڙوٽ شخص کي قتل ۽ سندس 10ورهين جي پٽ کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.

مڪلاڻي روڊ تي هٿياربندن گوليون هڻي ڳوٺ ٻڍاڻي جي رهواسي  روشن انڌاڻي کي قتل ۽  سندس 10 ورهين جي پٽ امان الله  کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي نينگر کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.

ٻئي پاسي ساڳين ئي جوابدارن لعلورائنڪ شهر جي شاهي بازار ۾ ڳوٺ نهال تنئي جي رهواسي راجا پٽ شوڪت چانڊيي کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

پوليس زخمي ٿيل نوجوان کي اسپتال پهچايو پر سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺ جامڪ چانڊيي ۽ ڳوٺ نهال تنئي واسي چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ موٽرسائيڪل ڦر جي معاملي تان جهيڙو ٿيو جنهن ۾ ڳوٺ جامڪ چانڊيو واسي نظام الدين چانڊيو مارجي ويو هو ۽ عطاءُ الله زخمي ٿي پيو هو.

ٻنهي ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي بعد ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي سرپئنچي ۾ فيصلو ٿيو هو جنهن ۾ ڳوٺ نهال تنيو واري ڌر مٿان 50 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو هو

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون