تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي جو نتيجو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ کي جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي قرار ڏنو آهي.

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي جو نتيجو آهي، اڳوڻي وزيراعظم جي گرفتاري تي وڌيڪ نه ٿو ڳالهائي سگهجي.

هن چيو ته واپارين کي سهولتون ڏيڻ کانسواءِ ملڪي ترقي ممڪن ناهي، حڪومت واپارين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  سفارتي ۽ ايڪسپورٽ لاڳاپن کي هٿي ڏني پئي وڃي،  ايران سان واپاري سرگرميون وڌائڻ تي به ڪم ٿي  رهيو آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته اسيمبلي جو مدو ختم ٿي رهيو آهي، هو ناصر شاهه کي چوندو ته واپارين کي گڏ وٺي  بلاول هائوس اچي، گڏجي ويهي مسئلن  جي حل لاءِ رٿابندي ڪئي ويندي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
37%
2.7m/s
0%
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون