تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

لاهور هائيڪورٽ تحريڪ انصاف باني جي 9 مئي جي ٽن ڪيس ۾ ڪچيون ضمانتون خارج ڪرڻ خلاف درخواستون 22 جولاءِ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون

- Advertisement -
لاهور هائيڪورٽ تحريڪ انصاف باني جي 9 مئي جي ٽن ڪيس ۾ ڪچيون ضمانتون خارج ڪرڻ خلاف درخواستون 22 جولاءِ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون. لاهور هائيڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف باني 9 مئي جي ٽن ڪيسن ۾ ڪچيون ضمانتون خارج ٿيڻ خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس شهرام سرور ۽ جسٽس امجد رفيق تي ٻڌل رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت تحريڪ انصاف باني جي درخواستن تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا. رجسٽرار آفيس طرفان اعتراض ڪيو ويو ته درخواستن ۾ تحريڪ انصاف باني جي آڱوٺن جا نشان نه آهن، هڪ ڪيس جي درخواست ۾ ايف آءِ آر جي ڪاپي لف ناهي. عدالت اعتراض ختم ڪندي تحريڪ انصاف باني جون ضمانتون خارج ڪرڻ خلاف درخواستون 22 جولاءِ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف باني دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کي لاهور هائيڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ 9 مئي جي ڪيسن ۾ حقيقتن جي ابتڙ ضمانتون خارج ڪيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
14 %
7.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون