تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

حڪومت آرٽيڪل 17 تحت ڪنهن به پارٽي تي پابندي هڻي سگهي ٿي : راڻا ثناءَ الله

- Advertisement -
وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته حڪومت آرٽيڪل 17 تحت ڪنهن به پارٽي تي پابندي هڻي سگهي ٿي، تحريڪ انصاف تي پابندي جو اڃا فيصلو ڪيو آهي، آئيني طريقي سان عمل ڪيو ويندو، ڪابينا پابندي بابت ڊڪليئريشن جي منظوري ڏئي ته 15 ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، عدالت متفق ٿي ته پارٽي تي پابندي لڳي ويندي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي جي حوالي سان حڪومت اڃا ارادو ڪيو آهي ۽ پابندي بابت آئين تي عمل ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته حڪومت آرٽيڪل 17 تحت ڪنهن به پارٽي تي پابندي لاءِ ڊڪليريشن ڏئي سگهي ٿي، جڏهن ڪابينا منظوري ڏيندي ته ڊڪليريشن کي 15 ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ کي پيش ڪيو ويندو آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن عدالت ڊڪليريشن سان متفق ٿي وڃي ٿي ته تحريڪ انصاف تي پابندي لاڳو ٿي ويندي. هن چيو ته حڪومت اڃا پنهنجي ارادي کي ظاهر ڪيو آهي، آئين ۾ ڏنل طريقيڪار موجب عمل ڪيو ويندو، مخصوص سيٽن تي عدالت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪندا، جيڪڏهن ته مخصوص سيٽون کين ملي سگهن ٿيون ته آئيني طور تي ڪوشش ڪندا. وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو ته ايڊهاڪ جج رکڻ جو باقاعده آئين ۾ ذڪر آهي، جيڪڏهن اهو صحيح ناهي ته آئين ۾ ڇو آهي؟، ڪنهن جي پسند يا ناپسند تي آئيني شين کي روڪي نٿو سگهجي، معاشي بدحالي 2018ع بعد آئي آهي، پي ٽي آءِ باني کي آڻي ملڪ تي ويهاريو ويو ۽ هلندڙ ملڪ کي هن صورتحال تي پهچايو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
12 %
5.9kmh
40 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون