تازه ترين

لاهور ۾ تيز برسات 44 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

لاهور ۾ تيز برسات 44 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته طوفاني برسات سبب رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.

پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ اڄ صبح سوير کان چوماسي برسات جو اسپيل جاري آهي.

لاهور ۾ تيز هوائن سان گڏ وسڪاري بعد هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.

مالي روڊ، فيروز پور روڊ، ماڊل ٽائون، فيصل ٽائون، لڪشمي چوڪ ۽ انارڪلي سميت ٻين علائقن ۾ برسات ٿي.

لاهور ۾ سڀ کان وڌيڪ ايئرپورٽ روڊ تي 337 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، پاڻي واري تلاءَ ۾ 203، لڪشمي چوڪ ۾ 191، اپرمال ۾ 182، مغلپوره ۾ 173، تاجپوره ۾ 180، نشتر ٽائون ۾ 227 ۽ چوڪ ناخدا ۾ 163 ملي ميٽر برسات پئي.

برسات سبب شهر جي هيٺاهين وارا علائقا ۽ اهم شاهراهه، ندي نالن جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن، وسڪاري بعد ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي.

لاهور جي ميو ۽ سروسز اسپتال جي ايمرجنسي ۾ برسات جو پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته ميو اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ پاڻي پهچي ويو، جنهن سبب مريضن ۽ سندس وارثن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

پنجاب جي ٻين شهرن گجرات، گجرانوالا، وزيرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، برسات سبب فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري بجلي بند ٿي وئي.

موسميات کاتي اڄ کان 6 آگسٽ تائين چوماسي جي برساتن جي جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چوماسي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل کاتن کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
46 %
4kmh
22 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون