تازه ترين

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات

- Advertisement -
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ صبح کان ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان وسڪاري جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملير، گلشن حديد، ڪورنگي، لانڍي، شاهراهه فيصل  ۾ وسڪارو ٿيو. موسميات کاتي موجب، گلستان جوهر، گلشن اقبال، بلوچ ڪالوني، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ نارٿ ڪراچي ۾ برسات ٿي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته وسڪاري کانپوءِ ٽريفڪ معطل ٿيڻ سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
44 %
1.4kmh
41 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون