- Advertisement -
لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 دهشتگرد مارجي ويا.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب، چارئي دهشتگرد پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ ماريا ويا.
سي ٽي ڊي ترجمان ٻڌايو ته جوابدار فيضان جي نشاندهي تي جنگ مان هٿيار ۽ دستي بم هٿ ڪيا ويا جنهن دوران 5 کان 6 ساٿين حملو ڪيو، فائرنگ ۾ جوابدار فيضان سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا.
ترجمان سي ٽي ڊي موجب، فائرنگ ڪندڙ ٽي دهشتگرد فرار ٿي ويا، دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان هو.
سي ٽي ڊي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي- Advertisement -
