لاڙڪاڻو:بي آءِ ايس پي جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ 2 ڊوائيس هولڊر گرفتار

spot_img
لاڙڪاڻو پوليس بي آءِ ايس پي جي مستحق عورتن جي امدادي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ تي وڌيڪ ٻن ڊوائيس هولڊرن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ تي وڌيڪ ٻن ڊوائيس هولڊرن خالد بروهي ۽ صدام بروهي کي گرفتار ڪري ورتو. ٻن ڏينهن دوران گرفتار ڊوائيس هولڊرن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار خالد بروهي ۽ صدام بروهي گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول گابر مسڻ ۾ قائم بي آءِ ايس پي سينٽر ۾ عورتن جي آيل پيسن مان ڪٽوتي ۾ ملوث آهن. پوليس موجب، گرفتار جوابدارن خلاف سرڪاري فرياد تي باڊهه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
24%
1.2m/s
0%
اربع
14 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون