تازه ترين

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ پيرسن فوت، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ ساهه جي تڪليف سبب پيرسن فوت ٿي ويو، وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي تي غفلت جو الزام لڳائيندي اسپتال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

قمبر تعلقي جي ڳوٺ آچار جو رهواسي 3 ٻارن جو پيرسن پيءُ حاجي شاهن چانڊيو ساهه جي تڪليف سبب  اسپتال اندر فوت ٿي ويو.

وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان غلفت ۽ لاپرواهي جو الزام لڳائيندي رياض چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

وارثن الزام لڳايو ته يرسن حاجي شاهن چانڊيو کي ساهه جي تڪليف سبب چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو هو،  جتي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو موجود نه هو، علاج نه ٿيڻ سبب مريض اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون