تازه ترين

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ پيرسن فوت، وارثن جو احتجاج

- Advertisement -
لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ ساهه جي تڪليف سبب پيرسن فوت ٿي ويو، وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي تي غفلت جو الزام لڳائيندي اسپتال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. قمبر تعلقي جي ڳوٺ آچار جو رهواسي 3 ٻارن جو پيرسن پيءُ حاجي شاهن چانڊيو ساهه جي تڪليف سبب  اسپتال اندر فوت ٿي ويو. وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان غلفت ۽ لاپرواهي جو الزام لڳائيندي رياض چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. وارثن الزام لڳايو ته يرسن حاجي شاهن چانڊيو کي ساهه جي تڪليف سبب چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو هو،  جتي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو موجود نه هو، علاج نه ٿيڻ سبب مريض اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.2 ° C
30.2 °
30.2 °
8 %
7.9kmh
6 %
ڇنڇر
30 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون