- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ جوابدار چئن ٻارن جي ماءُ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.
حيدري ٿاڻي جي حد ڪوثرمل حيدري پاڙي ۾ جوابدار عبدالفتاح مغيري گوليون هڻي ثمينه مغيري کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ٽراما سينٽر پهچايا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
مقتول عورت جي ماءُ هدايت خاتون مغيري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھه سال اڳ سندن نياڻي ثمينه جي شادي قمبر تعلقي جي ڳوٺ مدو چانڊيو واسي علي رضا عرف نواب سولنگي سان ٿي هئي، جنهن مان کيس چئن ٻارن جي اولاد پڻ هئس.
هن چيو ته 8 مهينا اڳ ناٺي سندس نياڻي کي طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن بعد هوءَ پنهنجي نياڻي ثمينه کي ساڻ ڪري ويجهي مائٽ عبدالفتاح مغيري جي گهر پناھه ورتي هئي.
سندس چوڻ هو ته جنهن کانپوءِ هوءَ نياڻي سميت ڪجھه مهينا اڳ لاڙڪاڻي جي ڪوثرمل حيدري پاڙي ۾ مسواڙ تي گهر وٺي رهائش اختيار ڪئي، جتي مائٽ عبدالفتاح مغيري ايندو ويندو هو.
هن الزام هڻندي چيو ته جوابدار عبدالفتاح مغيري سندس نياڻي ثمينه کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.
رابطو ڪرڻ تي حد جي پوليس جو ٻڌايو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون.- Advertisement -
