لاڙڪاڻي ۾ خانگي ميڊيڪل اسٽورن تان اينٽي مليريا جون گوريون هٿ اچڻ واري معاملي جو ڊي جي هيلٿ نوٽيس وٺي ڇڏيو.
ڊي جي هيلٿ سنڌ ڊائريڪٽر هيلٿ لاڙڪاڻو عبدالستار شيخ جي سربراهيءَ ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي.
جاچ ڪميٽي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر هيلٿ لاڙڪاڻو، ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو سيد اطهر شاهه ۽ ڊرگ انسپيڪٽر لاڙڪاڻو صاحب خان ميراڻي شامل آهن .
جاچ ڪاميٽي شهر جي گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري پاپولر ميڊيڪل اسٽور سميت ٻن ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڪري ڇڏيو. ڊائريڪٽر هيلٿ لاڙڪاڻو عبدالستار شيخ ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي ويڊيوز وائرل ٿيون جنهن ۾ اينٽي مليريا دوائون سرڪاري ملڪيت ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ٿي رهيون هيون.