تازه ترين

لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو لا ڪاليج جي شاگردن پاران سالياني امتحاني في ۾ واڌ واري عمل خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو لا ڪاليج جي شاگردن پاران سالياني امتحاني في ۾ واڌ واري عمل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

اسد الله جاگيراڻي، عبدالصمد بليدي، شعيب عباسي، رحمت الله مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ يونيورسٽي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو لاء ڪاليج جي شاگردن کان گذريل سال 7 هزار في وصولي ڪئي وئي جڏهن ته هاڻي 15 هزار في وٺڻ لاءِ نوٽيفڪيشن ڪڍيو ويو آهي جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هنن چيو ته والدين مهانگائي سبب ڏکي حالتن کي منهن ڏئي پنهنجي ٻارن کي تعيلم ڏياري رهيا آهن يونيورسٽي انتظاميا في ۾ واڌ ڪري سندن پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

احتجاج ڪندڙ شاگردن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واڌو في وارو فيصلو واپس وٺي شاگردن کان گهٽ في ورتي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.5 ° C
13.5 °
13.5 °
37 %
1.5kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون