تازه ترين

لبنان مزاحمتي تحريڪ حزب الله جي سربراه حسن نصرالله جي پڄاڻي سان انصاف جو عمل پورو ٿيو: آمريڪي صدر

آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته لبنان مزاحمتي تحريڪ حزب الله جي سربراه حسن نصرالله جي پڄاڻي سان انصاف جو عمل پورو ٿيو، هاڻي غزه ۽ لبنان ۾ جنگ بندي ٿيڻ گھرجي.

وائٽ هائوس طرفان جاري بيان موجب، امريڪي صدر جوبائيڊن حسن نصرالله جي اسرائيلي حملي ۾ شهادت کي اسرائيل جو منصفاڻو قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته امريڪا حزب الله، حوثين ۽ ايراني حمايت يافته دهشتگرد گروهن خلاف اسرائيل جي دفاع جي حق جي حمايت ڪري ٿو.

جوبائيڊن چيو ته حسن نصرالله جي پڄاڻي سان انصاف جو عمل پورو ٿيو، هاڻي غزه ۽ لبنان ۾ جنگ بندي ٿيڻ گهرجي.

امريڪي صدر چيو ته دفاع واري وزير کي وچ اوڀر ۾ امريڪي فوجي دفاعي پوزيشن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ چيو آهي، جارحيت کي روڪڻ ۽ امريڪي پوزيشن بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

آمريڪي صدر جوبائيڊن وڌيڪ چيو ته اسان جو مقصد غزه ۽ لبنان ٻنهي ۾ جاري تڪرارن کي سفارتي ذريعي گھٽ ڪرڻ آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
24 %
0.9kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون