تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

لياري پاڪستان پيپلز پارٽي جو مضبوط قلعو آهي،ناصر شاهه

سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لياري پاڪستان پيپلز پارٽي جو مضبوط قلعو آهي، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي رهنمائي هيٺ لياري ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو پيو وڃي.

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڪراچي جو ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب لياري سبزواري ٽرينگل پارڪ ۽ لياري گيٽ جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر يونس خان، هاڪي اولمپئن وسيم فيروز، پيپلز پارٽي اڳواڻ سينيٽر يوسف بلوچ، نبيل گبول، جاويد ناگوري، خليل هوت، ڪرم الله وقاصي، لياري ٽائون چيئرمين ناصر ڪريم بلوچ، ٽائون ميونسپل ڪمشنر لياري حماد خان، لياري ٽائون مان چونڊيل چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن، ڪائونسلر ۽ عوام جو وڏو انگ موجود هو.

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هڳ لياري جي نيڪال ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور صلاحيت سان ڪم ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته سبزواري ٽرينگل پارڪ ۽ وال آف لياري گيٽ لياري جي عوام لاءِ سندن چونڊيل حڪومت جو تحفو آهي.

صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته ٽائون ميونسپل ڪمشنر لياري حماد خان لوران جي سموري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته لياري ۾ رڳو پيپلز پارٽي ڪم ڪيو آهي، سندن پارٽي ئي نوڪريون ڏئي ٿي.

هن چيو ته لياري ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري سميت روڊن جي تعمير، صفائي ۽ نيڪال جي نظام کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي.

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته لياري ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ سندن ترجيحن ۾ شامل آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو لياري ۾ فٽبال، باڪسنگ، ڪراٽي ۽ ٻين راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ لاءِ لڳاتار قدم کنيا پيا وڃن جنهن جو تازو مثال عالمي معيار جو ڪڪڙي گرائونڊ اسپورٽس ڪمپليڪس آهي. لياري ٽائون چيئرمين ناصر ڪريم بلوچ ۽ ٽائون ميونسپل ڪمشنر لياري حماد خان پڻ خطاب ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون