تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

لياري پاڪستان پيپلز پارٽي جو مضبوط قلعو آهي،ناصر شاهه

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لياري پاڪستان پيپلز پارٽي جو مضبوط قلعو آهي، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي رهنمائي هيٺ لياري ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو پيو وڃي.

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڪراچي جو ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب لياري سبزواري ٽرينگل پارڪ ۽ لياري گيٽ جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر يونس خان، هاڪي اولمپئن وسيم فيروز، پيپلز پارٽي اڳواڻ سينيٽر يوسف بلوچ، نبيل گبول، جاويد ناگوري، خليل هوت، ڪرم الله وقاصي، لياري ٽائون چيئرمين ناصر ڪريم بلوچ، ٽائون ميونسپل ڪمشنر لياري حماد خان، لياري ٽائون مان چونڊيل چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن، ڪائونسلر ۽ عوام جو وڏو انگ موجود هو.

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هڳ لياري جي نيڪال ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور صلاحيت سان ڪم ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته سبزواري ٽرينگل پارڪ ۽ وال آف لياري گيٽ لياري جي عوام لاءِ سندن چونڊيل حڪومت جو تحفو آهي.

صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته ٽائون ميونسپل ڪمشنر لياري حماد خان لوران جي سموري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته لياري ۾ رڳو پيپلز پارٽي ڪم ڪيو آهي، سندن پارٽي ئي نوڪريون ڏئي ٿي.

هن چيو ته لياري ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري سميت روڊن جي تعمير، صفائي ۽ نيڪال جي نظام کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي.

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته لياري ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ سندن ترجيحن ۾ شامل آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو لياري ۾ فٽبال، باڪسنگ، ڪراٽي ۽ ٻين راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ لاءِ لڳاتار قدم کنيا پيا وڃن جنهن جو تازو مثال عالمي معيار جو ڪڪڙي گرائونڊ اسپورٽس ڪمپليڪس آهي. لياري ٽائون چيئرمين ناصر ڪريم بلوچ ۽ ٽائون ميونسپل ڪمشنر لياري حماد خان پڻ خطاب ڪيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
13 %
1.2kmh
98 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون