ليبيا ۾ انساني اسمگلرن جي ويئر هائوس تي ڇاپن دوران 385 پاڪستاني بازياب ڪرايا ويا آهن.
پرڏيهي خابرو ايجنسي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڇاپي دوران اوڀر ليبيا ۾ انساني اسمگلرن جي اهڙن گدان تي ڇاپا هنيا ويا جتي ماڻهن کي لڪائي رکيو ويندو هو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستاني شهرين کي سومر جي ڏينهن جي صبح اوڀر ليبيا جي شهر تبروڪ کان تقريبن 8ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ الخير جي علائقي ۾ اسمگلرن جي گدامن مان آزاد ڪرايو ويو، انهن ۾ ٻارڙا به شامل هئا کين پوليس هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويو.
اختيارين موجب پاڪستاني شهري يورپ وڃڻ جي ارادي سان ليبيا پهتا هئا، انهن کي اسمگلرن حراست ۾ ورتو ۽ آزادي جي لاءِ ڀنگ گهريو هو.