سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن طرفان محمد اسلم مهندو، گل محمد شاهه، خالد مگسي، ذوالفقار شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.
اڳواڻن چيو ته سڄي ضلعي ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، جڏهن ته منشيات جو وڪرو پڻ سر عام ٿي رهيو آهي.
مظاهرين چيو ته بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف احتجاج ڪرڻ تي پوليس پاران ايس ٽي پي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
هنن مطالبو ڪيو ته ڪارڪنن تي مختلف ٿاڻن تي داخل ڪيل ڪوڙن ڪيسن کي ختم ڪري بدين ضلعي ۾ امن بحال ڪرايو وڃِي.