تازه ترين

مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ملڪ ۽ قوم لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن: آصف علي زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ملڪ ۽ قوم لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن دنيا جي سياسي تاريخ ۾ ان جو ڪو مثال نٿو ملي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي  تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته   مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو آئين ۽ جمهوريت جي خاطر قيد ۽ تشدد به برداشت ڪيا پر پاڪستان پيپلزپارٽي جو جهنڊو بلند رکيو.

هن  چيو ته بيگم نصرت ڀٽو  جمهوريت جي بحالي لاءِ مفاهمت جو روشن مثال قائم ڪيو، جيڪو سندن لاءِ ٻرندڙ لاٽ آهي.

سندس چوڻ هو ته جڏهن جمهوريت تي راتاهو هڻي آمريت مڙهي وئي ته مادر وطن جمهوريت آمرن سان سخت مزاحمت ڪئي.

آصف علي زرداري چيو ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ايم آر ڊي جي پليٽ فام تان جمهوريت ۽ آئين جي بحالي لاءِ تاريخي تحريڪ جي قيادت ڪئي.

هن چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جنهن مقصد خاطر عظيم ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ان مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي جدوجهد جاري آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون