مادر علمي سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ، لمس ۽ شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي کي انتظاميا پاڻي جي کوٽ ڄاڻائي بند ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ، لمس ۽ شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي کي انتظاميا پاڻي جي کوٽ ڄاڻائي بند ڪري ڇڏيو. مهراڻ يونيورسٽي انتظاميه طرفان 13 فيبروري کان ٻن هفتن لاءِ آن لائن ڪلاس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي به 20 جنوري تي کلي نه سگهندي. سنڌ يونيورسٽي انتظاميا طرفان پاڻي نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي 15 فيبروري تائين آن لائن ڪلاس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي کي به پاڻي بحران سبب ٻن هفتن لاءِ يونيورسٽي بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار مشتاق ڄاريڪو جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڪي بي فيڊر جي اڏاوتي ڪم سبب پاڻي جي بحران کي نظر ۾ رکندي اهڙو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ ئي وقت هزارين شاگرد، شاگردياڻيون ۽ اسٽاف موجود هوندو آهي، جن لاءِ پاڻي هئڻ ضروري آهي، پاڻي بحران سبب ڪلاس نٿا وٺي سگهن. سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار چيو ته پاڻي بحران سبب نه رڳو سنڌ يونيورسٽي پر ڀرپاسي واري يونيورسٽين پڻ آن لائن ڪلاسن جو فيصلو ڪيو آهي. مشتاق ڄاريڪو  چيو ته پاڻي بحران سبب رڳو مين ڪيمپس بند ڪري آن لائن ڪلاس ورتا پيا وڃن، باقي ڪيمپس ۾ ڪلاس ٿيندا..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون