پرڏيهي وزارت مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ زنده بچي ويل 21 پاڪستانين جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

- Advertisement -
پرڏيهي وزارت مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ زنده بچي ويل 21 پاڪستانين جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مراڪش ۾ ٻيڙي حادثي ۾ زنده بچي ويلن جا نالا ۽ پاسپورٽ نمبر جاري ڪيا ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، زنده بچي ويلن ۾ مدثر حسين، وسيم خالد، محمد خالق، عبدالغفار، گل شمير، تنوير احمد، عباس ڪاظمي، غلام مصطفيٰ، بدر محي الدين ۽ عمران اقبال شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شعيب ظفر، علي حسن، مهتاب الحسن، عزيز بشارت، محمد آصف، مجاهد علي، عامر علي، عمر فاروقي، بلاول اقبال، ارسلان ۽ عرفان احمد به زنده بچي ويلن ۾ شامل آهن. پرڏيهي آفيس ترجمان موجب، رباط ۾ پاڪستاني سفارتي مشن ذريعي متاثر شهرين کي امداد فراهم ڪئي وئي، سفارتخاني متاثر ماڻهن کي ضروري شيون، کاڌو، پاڻي، دوائون ۽ ڪپڙا ڏنا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مقامي اختيارين سندن سفارتي درخواست تحت پناهگاهن ۾ طبي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، مراڪش ۾ لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۾ آهن، جيئن متاثرن جي مدد ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس ترجمان موجب، بچي ويل شهرين جي ڏيهه واپسي لاءِ ڪوششون جاري آهن، هو پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ پرعزم آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون