- Advertisement -
مانجهند ويجهو هٿياربند واٽر سپلاءِ اسڪيم جو سولر سسٽم کڻي ويا.
علي آباد ڀرسان بازڪنڊي ۾ هٿياربند واٽر سپلاءِ اسڪيم جو سولر سسٽم ۽ ڪيبل انويٽر ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا.
چوڪيدار منٺار علي برفت ۽ عبدالله برفت جو چوڻ هو ته 9 هٿياربند مٿن تشدد ڪري رسن سان ٻڌي سولر پليٽون، موٽر ۽ انويٽر کڻي فرار ٿي ويا.
هنن چيو ته اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس واقعي واري هنڌ ناهي پهتي.
واٽر سپلاءِ جو سولر سسٽم چوري ٿيڻ علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي.- Advertisement -
