تازه ترين

روهڙي ۾ پراڻي ٽول پلازه ويجهو گهرو اڻبڻت تان ماءُ ۽ ڌيءُ قتل

- Advertisement -
روهڙي ۾ گهرو اڻبڻت تان ماءُ ۽ ڌيءُ کي قتل ڪيو ويو آهي. جهانگهڙو ٿاڻي جي حد پراڻي ٽول پلازه ويجهو جوابدار شير علي بکراڻي، پنهنجي ڀاڄائي نور خاتون ۽ ڀائٽي زاهده کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. ماءُ ۽ ڌيءُ جا لاش گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته شير علي بکراڻي ۽ سندس ڀاءُ فيض علي بکراڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان منهن ماري ٿي پئي هئي. پوليس موجب، جوابدار شير علي بکراڻي گوليون هڻي پنهنجي ڀاڄائي ۽ سندس نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
54 %
1.6kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون