تازه ترين

مانجهند: ڳورهاري عورت جي بازيابي لاءِ مظاهرو ۽ بک هڙتال

مانجهند ۾ پوليس پاران مبينا طور کنڀي گم ڪيل حاجاڻا برادري جي  عورت جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

عورت جي وارثن، سياسي سماجي تنظيمن، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، خدا بخش ٿيٻو، علي نواز ڪنڀر، لياقت ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ عورتن سميت انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته نوابشاهه پوليس چوري جي الزام هيٺ آيل شير محمد حاجاڻو جي عيوضي ۾ سندس گهر واري کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته ڳورهاري عورت جي امڙ ڄامشوري جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن تي عدالت سي آءِ اي انسپيڪٽر ۽ صحت کاتي جي ڪاموري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عدالتي حڪم تي  سي آءِ اي انسپيڪٽر ۽ صحت کاتي جي ڪاموري خلاف ڪيس داخل ڪري عورت کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون