تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مانجهند: ڳورهاري عورت جي بازيابي لاءِ مظاهرو ۽ بک هڙتال

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

مانجهند ۾ پوليس پاران مبينا طور کنڀي گم ڪيل حاجاڻا برادري جي  عورت جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

عورت جي وارثن، سياسي سماجي تنظيمن، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، خدا بخش ٿيٻو، علي نواز ڪنڀر، لياقت ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ عورتن سميت انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته نوابشاهه پوليس چوري جي الزام هيٺ آيل شير محمد حاجاڻو جي عيوضي ۾ سندس گهر واري کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته ڳورهاري عورت جي امڙ ڄامشوري جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن تي عدالت سي آءِ اي انسپيڪٽر ۽ صحت کاتي جي ڪاموري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عدالتي حڪم تي  سي آءِ اي انسپيڪٽر ۽ صحت کاتي جي ڪاموري خلاف ڪيس داخل ڪري عورت کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
23 %
2.7kmh
2 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون