مانجهند ۾ گذريل ڏينھن پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آھي.
حبيب الله موڙ وٽان خميس ڏينهن گم ٿيل ستن ورهين جي مرتضيٰ ملاح جو برف ڪارخاني وٽ تشدد ٿيل لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙھھ وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي ڳچي ۾ اڳٺ وجهي گيهلي قتل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
نينگر جو لاش گھر پھچائڻ تي گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو.