تازه ترين

مانجهند ۾ گذريل ڏينهن گم ٿيل نينگر جو تشدد ٿيل لاش هٿ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

مانجهند ۾ گذريل ڏينھن پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آھي.

حبيب الله موڙ وٽان خميس ڏينهن گم ٿيل ستن ورهين جي مرتضيٰ ملاح جو برف ڪارخاني وٽ تشدد ٿيل لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.

اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙھھ وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي ڳچي ۾ اڳٺ وجهي گيهلي قتل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

نينگر جو لاش گھر پھچائڻ تي گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
16 %
5.7kmh
57 %
آچر
29 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون