تازه ترين

ماڊل ايريڪا رابن مس يونيورس پاڪستان جو اعزاز حاصل ڪري ورتو

ماڊل ايريڪا رابن مس يونيورس پاڪستان جو اعزاز حاصل ڪري ورتو، هوءَ نومبر ۾ رٿيل حسن جي عالمي مقابلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي.

منتظمن موجب چئن فائنلسٽ عورتن کي شڪست ڏيڻ بعد ايريڪا رابن کي مس يونيورس پاڪستان جو تاج پارايو ويو.

ايريڪا رابن کي دنيا جي 200 کان وڌيڪ سندرين جي پول مان چونڊيو ويو هو.

ميس يونيورس پاڪستان جو مقابلو دبئي جي هڪ ڪمپنيءَ ڪيو، جنهن مارچ ۾ مس يونيورس پاڪستان جا حق حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

ڪمپني مس يونيورس جي عالمي مقابلي ۾ ايريڪا رابن کي حصو وٺڻ لاءِ موڪليندي.

مس يونيورس 1952 کان هر سال ٿيندڙ حسن جو مقابلو آهي، هلندڙ سال اهو مقابلو ايل سلواڊور ۾ نومبر جي مهيني ۾ ٿيندو.

ايريڪا رابن هڪ پوسٽ ۾ چيو ته کيس پهرين مس يونيورس پاڪستان بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو ۽ هوءَ پاڪستان جي خوبصورتي نمايان ڪرڻ چاهي ٿي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
6.2kmh
38 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون